پاڪستان سرڪار جو اشاعتي کاتو

پاڪستان سرڪار جو اشاعتي کاتو: اطلاعات کاتي پاڪستان جي هن اشاعتي شعبي طرفان سڀني پاڪستاني ٻولين ۾ رسالا جاري ڪيل آهن ۽ انهن جو ادبي مواد ڪتابي صورت ۾ به شايع ڪيو وڃي ٿو. سنڌيءَ ۾ ماهوار رسالو ’نئين زندگي‘ آڪٽوبر 1948ع کان وٺي شايع ٿي رهيو آهي ۽ هن رسالي جو چونڊ مواد ڪتابي صورت ۾ ڇپجي چڪو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ جيڪي ڪتاب شايع ٿيل آهن تن ۾: (1) مهراڻ جون موجون، (2) مهراڻ جا موتي، (3) مهراڻ جا ماڻڪ، (4) مهراڻ جون ڇوليون، (5) شاعرن جو سرتاج، (6) سچل سرمست، (7) ڀؤنر ڀري آڪاس ۽ (8) سنڌي افسانا وغيره شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو